زار ڀوت

زار ڀوت (Zar Bhut, Jhalawan): سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل هي ماڳ مولا نئن جي ڪناري هڪ ڳوٺ خزمي، ضلعي جهلاوان (بلوچستان) ۾ موجود آهي، هن وقت هن قلعي جا ٽڪريءَ تي نشان وڃي بچيا آهن. هتان هٿ جي ٺهيل ٺڪر جا نمونا مليا آهن. ٺڪر جو رنگ ڳاڙهو آهي، جيڪو اڃا (1983ع) تائين سڃاپجي نه سگهيو آهي. هتان هڪ ٺڪر لونڊو ٺڪر (Londo- ware) جهڙو به مليو آهي. چيو وڃي ٿو ته هي ماڳ 300 ق. م کان 2700 ق. م تائين وسندڙ آبادي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو